مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) 13 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن اڄ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي.
پاڪستان مان سرڪاري اسڪيم وارا 77 هزار 821 حج پانڌيئڙا مڪي شريف پهتا آهن جڏهن ته 6 هزار 931 پاڪستاني پانڌئيڙا مديني ۾ عبادتن ۾ مصروف آهن.
مڪي مان پاڪستاني حج مشن هدايت ڪئي آهي ته پانڌيئڙا ڇٽي، جاءِ نماز ۽ پاڻي جون بوتلون پاڻ سان گڏ رکن.