اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ ۾ غير ملڪي فنڊن تحت هلندڙ ترقياتي رٿائن ۾ مبينا گهوٻين، ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبن ۾ رولڙي ۽ پاور ڊويزن طرفان ميسرز جي اي کان 20.8 ارب رپيا ۽ 765 ڪي وي داسو اسلام آباد ٽرانسميشن لائين منصوبي ۾ اهل فرم کان 1.282 ارب رپين جي اوڳاڙي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، ڪميٽي سنڌ جي غير ملڪي فنڊن وارن منصوبن ۾ مبينا بي ضابطگين تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي.
ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ ايڏي وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن جي روڪٿام ۾ ناڪامي تي صوبائي حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين قوم آڏو جوابده هوندو.
هن اي اي ڊي کي هدايت ڪئي ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي بظابطا خط لکيو وڃي ته جيئن پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ايندڙ اجلاسن ۾ شرڪت ڪري ۽ سنڌ جي غير ملڪي فنڊن وارن منصوبن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏئي.
ڪميٽي اها به سفارش ڪئي ته انهن خدشن کان اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن غير ملڪي فنڊن وارن منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سگهجي ۽ شفافيت، اثرائتو چيڪ اينڊ بيلنس، ۽ احتساب جي نظام کي يقيني بڻائي سگهجي.
ڪميٽي پنهنجي اڳوڻي سفارش به ورجائي ته اي اي ڊي هڪ خاص مانيٽرنگ ڊيسڪ قائم ڪري ته جيئن ٽينڊرنگ جي عمل جو جائزو وٺي سگهجي، گهوٻين جا خطرا گهٽائي سگهجن ۽ ڊونر ايجنسين جي ڀائيواري سان هلندڙ منصوبن جي اثرائتي نگراني ٿي سگهي.
765 ڪي وي داسو اسلام آباد ٽرانسميشن لائين منصوبي ۾ پاور ڊويزن، اين جي سي ۽ لاڳاپيل اهل فرم کان مبينا 1.282 ارب رپين جي وصولي لاءِ معاملو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي، ايف آءِ اي ۽ نيب ڏانهن موڪلڻ بابت ڪميٽي جي اڳوڻين سفارشن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو.
ڪميٽي ٽئين نمبر تي گهٽ ٻولي ڏيندڙ (لوئسٽ بڊر) کي ڪانٽريڪٽ ڏيڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي جي معاملي تي اي اي ڊي پاران عمل نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو.