گوگل پاران هڪ نئين سهولت واهپيدارن کان واپس ورتي پئي وڃي خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي هاڻي جي ميل يا ڪنهن ٻي گوگل سروس ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيندا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اينڊرائٽ اٿارٽي چيو آهي ته جڏهن واهپيدار هڪ جي ميل اڪائونٽ ٺاهيندو آهي ته کيس گوگل پاران 15 جي بي مفت ڪلائوڊ اسٽوريج ڏني ويندي آهي. اها وڏي اسٽوريج آهي ۽ ڪيترين ئي ماڻهن لاءِ ڪافي هوندي آهي. پر هاڻي اهو لڳي ٿو ته گوگل پاران اهڙي سهولت ختم ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ موجب گوگل پاران رڳو 5 جي بي اسٽوريج ڏيڻ تي تجربا هلي رهيا آهن پر جيڪي ماڻهو پنهنجي اڪائونٽ سان فون نمبر هڻندا کين 15 جي بي اسٽوريج جي آڇ ڪئي ويندي. ان حوالي سان هڪ اسڪرين شاٽ به سامهون آيو آهي.
گوگل جي سپورٽ پيج تي اڃا اهو لکيل آهي ته هر اڪائونٽ کي 15 جي بي فراهم ڪئي وڃي ٿي. پر ڪمپني پاران اها تصديق ڪئي وئي آهي ته هن تبديلي تي تجربا جاري آهن.
هڪ بيان ۾ ڪمپني چيو آهي ته هو نون اڪائونٽس لاءِ نيون اسٽوريج پاليسيون ڏسي رهيا آهن. ڪمپني موجب فلحال مخصوص خطن ۾ اهو ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد اڪائونٽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ڊيٽا رڪوري ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.