ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ميزبان حنا الطاف هڪ ڊرامي جي شوٽنگ وچ ۾ ٿيندڙ خوفناڪ ۽ غيرمحفوظ تجربي بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.
رپورٽ موجب اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريءَ ذريعي ٻڌايو ته شوٽنگ جي سيٽ تي موجود هڪ ماڻهوءَ کيس غيرمحفوظ محسوس ڪرايو.اداڪارا موجب جيئن ئي هُن ماڻهوءَ اداڪارا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته کيس محسوس ٿيو ته صورتحال محفوظ ناهي، هوءَ فوريءَ طور تي محفوظ هنڌ پهچي وئي، ۽ لاڳاپيل پروڊڪشن هائوس کي اهڙي واقعي تي رپورٽ ڪئي.
رپورٽ موجب اداڪارا جي هن بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران سندس حوصلي ۽ بهادريءَ کي ساراهيو ويو ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.
حنا الطاف پاران اهڙي حساس معاملي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ کي سٺو قدم قرار ڏنو ويو جڏهن ته واهپيدارن زور ڀريو ته عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ جي جڳهه کي محفوظ بڻائڻ اهم ضرورت آهي.