ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 15 هزار 500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 76 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 13 هزار 289 رپيا لاٿ بعد 4 لک 8 هزار 832 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 155 ڊالر گهٽتائي سان 4545 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.