ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا موني راءِ پنهنجي مڙس سورج نمبيار کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي جي تصديق ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي ڌار ٿيڻ واريون خبرون هلي رهيون هيون جڏهن ته اداڪارا سوشل ميڊيا تي مڙس کان عليحدگيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا تصديق انسٽاگرام ذريعي مداحن کي ۽ ميڊيا هائوسز کي گذارش ڪندي ڪئي. هن لکيو ته سندن ذاتي زندگيءَ جي رازداريءَ ۽ وقار جو خيال رکيو وڃي ۽ هن يا سورج بابت ڪا به ڪوڙي خبر نه هلائي وڃي.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هنن پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ان معاملي کي نجي ۽ خوش اسلوبيءَ سان حل ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي رهيا آهن.
هن چيو ته هن ڏکي ويل ۾ هو ٻئي سڀين جي سهڪار جا شڪرگذار رهندا.