بنگلايش هٿان ڍاڪا ٽيسٽ ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ آءِ سي سي به پاڪستان تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سلو اوور ريٽ تي ڏنڊ هنيو ويو آهي.
آءِ سي سي موجب، پاڪستان ٽيم جو بنگلاديش خلاف ميرپور ڍاڪا ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ رهيو.
سلو اوور ريٽ تي پاڪستان ٽيم آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جا 8 پوائنٽس به وڃائي ڇڏيا،پاڪستان ٽيم مقرر وقت ۾ 8 اوورز گهٽ ڪيا، هڪ اوور تي هڪ پوائنٽ جي ڪٽوتي ٿي آهي.
واضح رهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان ٽيم کي 104 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ٽيم ۾ ٻن تبديلين جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي، 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي هڪ ٻُڙي تان سرسي حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.