بجينگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جو جوهري پروگرام 20 سالن لاءِ معطل ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، ان سان گڏ هي به چيو ته ايران ايٽمي هٿيار نٿو رکي سگهي.
هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته هينئر تائين تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني وئي، ممڪن آهي ته ڏيون ۽ ممڪن آهي ته نه ڏيون، تائيوان بابت آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، چيني صدر شي جن پنگ سان تائيوان واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نٿو لڳي ته تائيوان تي ڪو تڪرار ٿيڻ وارو آهي، تائيوان بابت چين سان ڪو به واعدو ناهي ڪيو.
آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني وزيراعظم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ايراني تيل خريد ڪندڙ چيني تيل ڪمپنين تي مڙهيل پابنديون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندس، هن اهو به چيو ته چين آمريڪا کان اربين ڊالرن جي سويا بين خريد ڪندو.