چين جي آبناءِ هرمز کولڻ ۾ مدد جي آڇ، هاڻي ايران کي هٿيار نه ڏيندو: ٽرمپ

 بيجنگ (ع آ نيوز) چيني صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته سمورن عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي، اختلافن جي باوجود ٻنهي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن بقا جي گڏيل جي اصولن تي هلڻو پوندو. بيجنگ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري جي موقعي تي گريٽ هال آف دي پيپل جي ٻاهران آجياڻي واري تقريب ۾ پهتو جتي چيني صدر سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.چيني صدر شي جن پنگ چيو ته عالمي امن ۽ معاشي ترقي کي برقرار رکڻ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ذميواري آهي، پوري دنيا جون نظرون هن وقت بيجنگ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي آهن، اختلافن جي باوجود ٻنهي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن بقا جي اصولن تي هلڻو پوندو. چيني صدر ٽرمپ کي چيو ته دنيا هن وقت ايران تڪرار ۽ عالمي سپلائي چين جي سنگين بحران مان گذري رهي آهي. ڇا اسان ملي ڪري عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ دنيا کي استحڪام فراهم ڪري سگهون ٿا؟ چيني صدر وڌيڪ چيو ته تائيوان جو مسئلو چين آمريڪا لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم آهي، تائيوان جو مسئلو درست طريقي سان نه سنڀاليو ويو ته آمريڪا چين ڇڪتاڻ ڏانهن وڃي سگهن ٿا. ان موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي شروعاتي لفظن ۾ چيو ته اڄ صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي ۽ اوهان جو دوست هجڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.ڊونلڊ ٽرمپ چيو تاريخي سربراهي ملاقات جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي مرڪز ٻطرفو واپار هوندو.ٽرمپ چيو ته اسان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهيا آهن ۽ جڏهن به ڏکيائيون آيون اسان گڏجي انهن جوحل ڪڍيو آهي.  هوڏانهن آمريڪي چينل کي انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو آهي ته چين هاڻي ايران کي هٿيار نه ڏيندو، چيني صدر آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ چاهين ٿا. آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ چيني صدر مدد جي آڇ به ڪئي آهي.  ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چيني صدر آمريڪا ۽ ايران ۾ معاهدو ڏسڻ چاهي ٿو، هن چيو ته چين ايران کان وڏي مقدار ۾ تيل خريدي ٿو ۽ اها خريداري جاري رکڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.