گرمين ۾ ٿڌو هنداڻو کائڻ ماڻهن جو پسنديدا ميوو سمجهيو ويندو آهي، پر تازو ڪجهه واقعن بعد ان تي ماهرن ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي.
ماهرن موجب هنداڻو کائڻ محفوظ آهي پر هنداڻو ڪٽڻ کانپوءِ ان کي محفوظ هنڌ رکڻ به ضروي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن چيو ته هنداڻي ۾ پاڻي ۽ مٺو گهڻو هوندو آهي جنهن سبب گرمي ۾ هن ميووي ۾ بيڪٽيريا تيزيءَ سان پيدا ٿي سگهن ٿا، جيئن ڪٽيل هنداڻو گهڻي دير تائين ٻاهر رکيو ويو ته اهو صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
ماهرن ٻڌايو ته هنداڻي کي ڪٽڻ کان اڳ چڱي ريت ڌوئڻ گهرجي ۽ ڪٽڻ جي فوري بعد فريج جي بند (ايئر ٽائيٽ ڪنٽينر) ۾ محفوظ ڪيو وڃي، کُليل ماحول ۾ رکيل هنداڻو آلودگي جو شڪار ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي ٻارڙن ۽ گهٽ مدافعتي قوت رکندڙ ماڻهن لاءِ هي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
محفوظ استعمال بابت ماهرن ٻڌايو ته هنداڻو خريد ڪرڻ وقت تازو ۽ بنا ڏار وارو وٺو، ڪٽڻ کان اڳ هٿ ۽ ڇُري چڱي ريت ڌوئي وٺو، پهريون ئي ڪٽيل يا ٻاهر رکيل هنداڻو وٺڻ کان پاسو ڪيو، ڪٽيل ٽُڪرن کي بند دٻي ۾ فريج ۾ رکو، ميوو گهڻي دير ٻاهر رکڻ کان بهتر آهي ته جلد استعمال ڪري ڇڏجي.
ماهرن چيو ته صفائي ۽ درست اسٽوريج تي ڌيان ڏئي هنداڻي کي گرمين ۾ محفوظ ۽ صحت بخش انداز ۾ کائي سگهجي ٿو.