انسٽاگرام پاران هڪ نئين ايپ ”انسٽينٽس“ متعارف ڪرائي وئي آهي.
رپورٽ موجب هن ايپ ۾ واهپيدار اهڙيون تصويرون شيئر ڪري سگهن ٿا جيڪي هڪ ڀيرو ڏسڻ بعد پاڻمرادو غائب ٿي وينديون آهن ۽ جيئن توهان نه ڏسندا ته 24 ڪلاڪ تائين موجود رهنديون.
هن ايپ ۾ توهان هڪ ڪلڪ سان فوٽو ڪڍي سگهندا پر انهن کي ايڊٽ نٿو ڪري سگهجي. ڪمپني پاران هن نئين ايپ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن ايپ جي تصويرن کي انسٽاگرام فالوورز ۽ فرينڊز سان شيئر ڪري سگهجي ٿو. ايپ ۾ فون گيليري مان تصويرون اپ لوڊ نٿيون ڪري سگهجن ۽ توهان رڳو ان ايپ ڪيمرا سان تصوير ڪڍي سگهو ٿا.
رپورٽ موجب انهن تصويرن ۾ ٽيڪسٽ ته ايڊ ڪري سگهجي ٿو پر ٻي ڪا تبديلي نٿي ڪري سگهجي. ڪمپني موجب انسٽاگرام جي ابتڙ انسٽينٽس کي حقيقي زندگي جون تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب هن ايپ ۾ واهيپدار اهڙيون تصويرون شيئر ڪري سگهن ٿا جيڪي هڪ ڀيرو ڏسڻ بعد پاڻمرادو غائب ٿي وينديون آهن ۽ جيئن توهان ناهي ڏٺي ته 24 ڪلاڪن تائين موجود رهندي.
رپورٽ موجب ايپ کان ڌار به انسٽاگرام جي اندر انسٽينٽس کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. انسٽاگرام ۾ ان باڪس جي هيٺان ساڄي پاسي ۾ تصويرن کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ توهان چونڊ ڪري سگهو ٿا ته ڪهڙن ماڻهن کي تصوير موڪلڻي آهي.
ڪمپني موجب توهان انسٽينٽس فوٽوز جو اسڪرين شاٽ نٿا ڪڍي سگهو پر جيئن توهان تصويرون موڪليون آهن ته انهن کي پرائيويٽ فولڊر ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.