ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منشيات وڪرو جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جي جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.
منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جاچ دوران چيو ته هڪ آفيسر منهنجي ڀاءُ کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ۽ رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو.
شروعاتي جاچ موجب، پنڪي ڪراچي ۾ ماهوار 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي منشيات وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
جاچ دوران پنڪي جي استعمال هيٺ 2 موبائل سمون افضل ۽ صابره بي بي جي نالن تي رجسٽرڊ نڪتيون آهن.
پنڪي ٻڌايو ته هوءَ ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس کي لکن رپيا ماهوار رشوت ڏيندي هئي، هڪ پوليس اهلڪار منهنجي رائيڊرز کي حراست ۾ وٺي مجموعي طور تي 1 ڪروڙ روپيا رشوت ورتي.
جوابدار انمول عرف پنڪي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار کيس ايترو ته تنگ ڪيو جو هن کيس قتل ڪرائڻ جي رٿابندي پڻ ڪئي هئي ۽ پوليس اهلڪار جي قتل لاءِ ڀاڙي جي قاتلن جي مدد وٺڻ جو پڻ سوچيو هو.
پنڪي موجب، لاهور مان منشيات موڪلڻ لاءِ انٽر سٽي بسن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن منهنجو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيو ته سمير جي نالي تي بئنڪ اڪائونٽ کولرايو ويو.
شروعاتي جاچ موجب، پنڪي ٻڌايو ته منشيات جي رقم موبائل ايپ ذريعي موڪلي ۽ وصول ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته رقم جي منتقلي لاءِ ذيشان جي نالي سان به بئنڪ اڪائونٽ کولرايو ويو هو.
پنڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس اڳوڻي مڙس جا 2 ڀائر وڪيل طور ڪم ڪندا آهن، پوليس کان بچڻ لاءِ اڳوڻو مڙس منشيات وڪيل ڀائرن جي چيمبرن ۾ رکندو آهي.