”عالمي بحرانن جو حل رڳو ڳالهين ۾ آهي“شي جن پنگ، هر مسئلي تي هڪٻئي کي فون ڪندا آهيون، چيني صدر عظيم اڳواڻ آهي: ٽرمپ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته سمورن عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي، اختلافن جي باوجود ٻنهي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن بقا جي گڏيل جي اصولن تي هلڻو پوندو.
بيجنگ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري جي موقعي تي گريٽ هال آف دي پيپل جي ٻاهران آجياڻي واري تقريب ۾ پهتو جتي چيني صدر سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ هڪ ٻئي سان هٿ ملايو.
چيني صدر آمريڪي صدر جي آجيان ڪئي، ڪابينا سان تعارف ڪرايو جنهن کانپوءِ چيني ۽ آمريڪي صدر گريٽ هال آف دي پيپل جي عمارت جي اندر هليا ويا.
چيني صدر شي جن پنگ چيني ۽ آمريڪي صدرن جي وفدن سان گڏ ملاقات جي موقعي تي چيو ته آمريڪي وفد کي چين ۾ ڀليڪار چئون ٿا، سمورن عالمي بحرانن جو حل صرف سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي، چين ۽ آمريڪا ٻه وڏيون طاقتون آهن، عالمي استحڪام اسان جو گڏيل هدف آهي.
چيني صدر شي جن پنگ چيو ته عالمي امن ۽ معاشي ترقي کي برقرار رکڻ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ذميواري آهي، پوري دنيا جون نظرون هن وقت بيجنگ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي آهن، اختلافن جي باوجود ٻنهي ملڪن کي گڏيل احترام ۽ پرامن بقا جي اصولن تي هلڻو پوندو. چيني صدر ٽرمپ کي چيو ته دنيا هن وقت ايران تڪرار ۽ عالمي سپلائي چين جي سنگين چئلينجز مان گذري رهي آهي.
چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته هن وقت دنيا ۾ اهڙيون تبديليون تيزيءَ سان ظاهر ٿي رهيون آهن جيڪي هڪ صديءَ ۾ ناهن ڏٺيون ويون، عالمي صورتحال مسلسل ڦير گهير ۽ ڏڦيڙ جو شڪار آهي، ڇا اسان ملي ڪري عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ دنيا کي استحڪام فراهم ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي دنيا ۽ پنهنجي عوام لاءِ هڪ روشن مستقبل تعمير ڪري سگهون ٿا؟ اهي سوال آهن جن جو جواب وڏن ملڪن جي اڳواڻن جي حيثيت ۾ اسان کي ڏيڻو آهي.
چيني صدر جو چوڻ هو ته منهنجو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلافن کان وڌيڪ گڏيل مفاد موجود آهن، ٻنهي ملڪن جا مستحڪم ٻطرفا لاڳاپا سڄي دنيا لاءِ فائديمند آهن.
هن چيوته چين ۽ آمريڪا ٻئي سهڪار مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ ٽڪراءُ مان نقصان، اسان کي هڪ ٻئي جو حريف نه پر شريڪ بڻجڻ گهرجي.
شي جن پنگ چيو ته اسان کي هڪ ٻئي کي ڪامياب ۽ خوشحال ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي سان ملي هلڻ جو صحيح رستو ڳولڻ گهرجي.
چيني صدر وڌيڪ چيو ته تائيوان جو مسئلو چين آمريڪا لاڳاپن ۾ سڀ کان اهم آهي، تائيوان جو مسئلو درست طريقي سان نه سنڀاليو ويو ته آمريڪا چين ڇڪتاڻ ڏانهن وڃي سگهن ٿا.
ان موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي شروعاتي لفظن ۾ چيو ته اڄ صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي ۽ اوهان جو دوست هجڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
آمريڪي صدر چيو ته هو هن دوري تي ”دنيا جي بهترين ڪاروباري اڳواڻن“ کي گڏ کڻي آيو آهي، ڪجهه ماڻهن هن ملاقات کي ”هينئر تائين جي سڀ کان وڏي سمٽ“ قرار ڏنو آهي ۽ هو ان اجلاس جي اوسيئڙي ۾ آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته صدر شي جن پنگ سان لاڳاپا شروع انتهائي شاندار رهيا آهن، تاريخي سربراهي ملاقات جو سڀ کان وڏو ۽ بنيادي مرڪز ٻطرفو واپار هوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين بهترين ۽ مضبوط لاڳاپا قائم رهندا.
ٽرمپ چيو ته اسان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهيا آهن ۽ جڏهن به ڏکيائيون آيون اسان گڏجي انهن جوحل ڪڍيو آهي.
ٽرمپ چيني صدر کي مخاطب ڪندي چيو ته ”مان اوهان کي ڪال ڪندو هوس ۽ اوهان مون کي ڪال ڪندا هئو، ماڻهو نٿا ڄاڻن ته جڏهن به اسان کي ڪو مسئلو درپيش آيو، اسان جلدي حل ڪري ورتو، مان هر ڪنهن کي اهو ئي چوان ٿو ته چيني صدر عظيم اڳواڻ آهي.“
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين سرڪاري دوري تي بيجنگ پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.