پي ٽي آءِ باني تي تشدد سبب سندس هڪ اک ضايع ٿي وئي آهي: سلمان اڪرم راجا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا الزام لڳايو آهي ته  پي ٽي آءِ جي باني عمران خان تي تشدد ڪيو پيو وڃي، سندس هڪ اک ضايع ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي صحت کي سنگين خطرا درپيش آهن، ۽ انهن سان ملاقاتن بابت عدالتي فيصلن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. سلمان اڪرم راجا دعويٰ ڪئي ته جيل ۾ هڪ ٻئي سياسي قيدي کي سڀ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون پر ڪا به ٻڌڻي نه ٿي، سڀ قانوني طريقا آزمايا ويا آهن، هاڻي اهي پنهنجو ڪيس عوام جي سامهون رکي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.