ڇا پنڪي جا سهولتڪار به وائکا ٿيندا؟

غلام حسين لغاري

 ڪراچي واسڻ هڪ عورت پهريون ڀيرو منشيات جي ڊان جي صورت ۾ گرفتار ٿي منظرعام تي آئي آهي جيڪا پوليس جي پروٽوڪول ۾ بنا هٿڪڙي جي ڪراچي عدالت پهتي۔پنڪي کي مليل پروٽوڪل وارو منظر هر ڪنهن روبرو توڙي چئنلن وسيلي ڏٺو اچرج کاڌو اها ٻي ڳالهه آهي جو اهڙي پروٽوڪول جو گهرو وزير ۽ آءِ پوليس سنڌ فوري نوٽيس ورتو ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي جو نوٽيس ورتو۔هن پنڪي جي هٿيڪي ٿيڻ بعد صاف ظاهر آهي ته هن قسم جون پنڪيون ٻيون به ٿي سگهن ٿيون جن جا هٿ به منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هجن جيڪي هن جون ڪاروبار ۾ حصيدار پارٽنر به هجن يا پنهنجو الڳ ڌندو ڪنديون هجن تهه ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي۔

انمول پنڪي جي گرفتاري تي هر سياسي غير سياسي ماڻهو آڱريون کڻي رهيو آهي ته اها پنڪي جنهن ڪوڪين سميت خطرناڪ نشي آور پراڊڪٽس جو ڪاروبار ڪندي رهي ۽ گرفتاري وقت به هن سخت لهجو اختيار ڪيو کيس پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن کيس بروقت هٿيڪو ڇو نه ڪيو جو هو نوجوانن کي تباهه ۽ برباد ڪندي رهي۔جڏهن کان هي گرفتار ٿي آهي روڊ رستن گهرن اوطاقن هوٽلن عام هنڌن تي پنڪي جي جرئت ۽ ڪاروبار جو تذڪرو پيو هلي۔ٻيو ته ٺهيو متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي قيادت کي حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ جو وجهه ملي ويو آهي جنهن جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به انمول عرف پنڪي جي گرفتاري تي سنڌ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنڪي جي گرفتاري جو ڪريڊٽ وٺي رهي آهي ته 15 سالن تائين کيس گرفتار نه ڪرڻ جو ڊِس ڪريڊٽ به ته وٺي جوابدار ايتري عرصي تائين کلي عام گهمندي ڪاروبار ڪندي رهي اهو سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي سنڌ حڪومت کي ذميواري وٺڻي پوندي۔

چون ٿا ته منشيات جي هن ڊان پنڪي وٽ وڏا رازا آهن جيڪي هي ترت نه کوليندي پر جيڪڏهن کولي ويٺي ته وڏا وڏا بت ڪري پوندا جو لازمي ناهي ته هو هيڏو وڏو ڪاروبار بنا ڪنهن خوف خطري اڪيلي ڪندي هجي ۔هن کان اڳ ايان جي هٿيڪي ٿيڻ ۽ وٽانس وڏي رقم پرڏيهه اسمگلنگ ڪرڻ وارو منظر به ڏسي چڪا آهيون جيڪا عدالتن جا چڪر هڻي ڪري بعد ۾ باآساني پرڏيهه هلي وئي ۔پنڪي ۽ ڪوڪين جو ڪاروبار جيڪو سالن جا سال هليو ڪنهن کي به نظر نه آيو آخر ڪهڙو سبب ۽ سوچڻ واري ڳالهه آهي۔هر نشيدار شئي جي تياري ۽ وڪري جو وٽس فن هو وٽس ڪاروبار جو مضبوط نيٽ ورڪ هو۔پنڪي وٽ پنهنجي لئباريٽري هئي جنهن ۾ هو ڪوڪين ايفڊرين غيرملڪي برانڊ جي وسڪي تيار ڪندي هئي ۽ سندس ظاهري چهرو سماجي هوندو هو جو اها غريبن ۾ پئسا به تقسيم ڪندي هئي۔ پنڪي اڄ کان نه پر سالن کان هن ڪاروبار جو حصو هئي پوء ڪهڙي سبب حڪومت ۽ پوليس جي نظرن کان اوجهل رهي ڪجهه ته ڪارڻ هوندو۔

پنڪي في الحال ته عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي جيڪا جاچ لاء پوليس وٽ هجڻ گهرجي ها جتي ئي کائنس پڇا ٿئي ها هاڻ ته کائنس ادب احترام سان پڇا ڳاڇا ٿيندي جيڪڏهن هن ڪنهن کي به وائکو نه ڪيو ڪنهن جو به نالو نه کنيو ته پنڪي به ايان جيان پرڏيهه هلي ويندي۔جيڪڏهن سگهارن ادارن پڇا ڳاڇا ڪئي جن جي رپورٽن تي هٿيڪي ٿي آهي ته ضرور هن جا سهولتڪار به وائکا ٿيندا۔هن وقت سناٽي وارو خوف اندر ۾ اٿن ڪوشش ٿيندي ته پنڪي پاڻ تائين محدود رهي جو سندس سهولتڪار به ڪڏهن نه چاهيندا ته پنڪي جي هن اربين کربين روپين جي ڪاروبار جو ڀانڊو کلي۔ جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسبو ته پاڪستان کي مضبوط ۽ لڪيل مختلف ڊانن تباهه ڪيو آهي ماضي ۾ به هن قسم جا ڊان پڪڙبا رهيا آهن جن سمنڊ وسيلي منشيات جو ڪاروبار ڪيو گرفتار ٿيا بعد ۾ ملڪ جا صنعتڪار بئنڪار بلڊر بڻيا مختلف نالن سان گروپ بڻيا سياسي حڪومتن جي مٿن آشيرواد رهي جن جو سڪو هلڻ لڳو۔

ٻين کي ڇڏيو رڳو ملڪ رياض جو مثال وٺو ته اڌ ملڪ هن ولاري ڇڏيو آهي بحريه ٽائون جي نالي ۾ لکين ايڪڙ نجي سرڪاري زمينون هن جي قبضي هيٺ آهن جنهن جي گرفتاري جا وارنٽ نڪتل آهن جڏهن گرفتار ٿئي ۽ واپس پاڪستان پهچي۔ اسان کي منشيات نه پر هرقسم جي ڊانن کي سوڙهي ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي هڪ ئي وقت منشيات جو ڪاروبار به ڪن ٿا ته لئبڊ مافيا بلڊرن وارو جو ڪاروبار به ڪن ٿا۔پرڏيهه خاص ڪري خليجي ملڪن ڏانهن عورتن ۽ ٻارڙن جي اسمگلنگ به ٿئي ٿي۔معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري يا خريد ڪري خليجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو جتي اهي اٺن جي ريس ۾ استٿمال ٿين ٿا يا وري خرڪار ڪئمپن ۾ زوري زبر وارو پورهيو جن ٿا۔مطلب ته رخ کان ڏسڻو جاچڻو پوندو هن ڏس ۾ سگهارا ادارا اڳيان اچن باقي پوليس کان ڪم چڙهيل آهي۔بهرحال پنڪي واري معاملي کي اهميت ملء گهرجي جنهن به قسم جي ساڻس رعايت يا ڊيل ٿيڻ نه گهرجي۔سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ گذريل چئن پنجن ڏهاڪن دوران هڪ ٻه نه پر هزارين خاندان منشيات سبب تباهه ٿي چڪا آهن نوجوان مري چڪا آهن ۽ هن وقت به گهٽين روڊن رستن گهرن اسپتالن ۾ هزارين نوجوان نشي واري حالت ۾ تڙپندا رهن ٿا جن جا اهي منشيات ڊان ۽ پوليس ذميوار آهي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.