ملڪ لاءِ اعليٰ خدمتون، شاهد آفريدي سميت اهم شخصيتن کي صدارتي اعزاز سان نوازيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايوانِ صدر ۾ مختلف شعبن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري مختلف شخصيتن کي ايوارڊن سان نوازيو.
توانائي واري شعبي ۾ سڌارن تي وفاقي وزير اويس لغاري کي هلالِ امتياز ڏنو ويو، جڏهن ته توانائي واري شعبي ۾ قدمن ۽ عوامي خدمتن تي نجڪاري معاملن واري صلاحڪار محمد علي کي به هلالِ امتياز جو ايوارڊ مليو.
راندين جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي هلالِ امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته جبل چاڙهو شهروز ڪاشف جو هلالِ امتياز ايوارڊ سندس ماءُ وصول ڪيو.
جمهوريت لاءِ خدمتن تي نوابزاده نصرالله خان مرحوم کي نشانِ امتياز، ادب جي شعبي ۾ عطاالحق قاسمي کي نشانِ امتياز ۽ ادب توڙي عوامي خدمتن تي عرفان الحق صديقي مرحوم کي نشانِ امتياز جو اعزاز ڏنو ويو.
ادب جي شعبي ۾ خدمتن تي اصغر نديم سيد کي هلالِ امتياز سان نوازيو ويو. غير معمولي بهادريءَ جي اعتراف ۾ سپاهي اظهر محمود کي هلالِ شجاعت ڏنو ويو، جڏهن ته ملڪ جي دفاع ۾ شهادت ماڻيندڙ سپاهي شاهه ولي خان کي به هلالِ شجاعت جو ايوارڊ مليو.
قدر جوڳي خدمتن تي اي ايس آءِ اعجاز خان شهيد کي هلالِ شجاعت، جڏهن ته وطن جي تحفظ لاءِ جان واريندڙ ڪانسٽيبل عالم زيب شهيد کي به هلالِ شجاعت جو اعزاز ڏنو ويو، ان کانسواءِ پوليس لائنز بنون ۾ دهشتگردن کي روڪيندڙ ڪانسٽيبل حفيظ الله کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.