”جيڪو دهلي سان ڪيو، اهو ئي ڪابل سان ڪنداسين“ خواجا آصف جي طالبان حڪومت کي وارننگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف افغانستان جي طالبان حڪومت کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪو دهلي سان ڪيو، اهو ئي ڪابل سان ڪنداسين.
قومي اسمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو آهي ته ڪابل حڪومت ڀارت جي پراڪسي بڻيل آهي، ڪابل اسان کي دهشتگردي روڪڻ جي خاطري ناهي ڪرائي رهيو.
هن چيو ته دهلي ۽ ڪابل ۾ ڪو به فرق ناهي، اوڀرندي سرحد هجي يا اولهندي، هن وقت ٻنهي سرحدن تي هڪ ئي دشمن آهي، اسان ٽن ملڪن سان ملي کين سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، قطر، سعودي عرب ۽ ترڪيه به ڳالهين ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج غير مشروط شهادتون ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻار سرحد تي وڃي پنهنجي جان ڏئي ٿو ته ان جي نشاندهي پاڪستان هوندي آهي.
بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته ڊگهي عرصي تائين ڪي پي حڪومت جو شهڪار نه هو پر هاڻي آهي، کين معرڪه حق جي تقريب ۾ گهرايو ويو پر ڪو به نه آيو، مان انهن جا نالا کڻڻ نٿو چاهيان جن کي گهرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.