انمول عرف پنڪي خلاف قتل جو ڪيس به ظاهر، 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي پوش علائقن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ جوابدار عورت انمول عرف پنڪي خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جوابدار عورت کي منشيات، غير قانوني هٿيار ۽ هڪ نوجوان جي قتل واري ڪيس ۾ وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوابدار عورت خلاف بغدادي ٿاڻي تي 9 مئي تي قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو.
ڪيس جي متن موجب، هڪ نوجوان فٽ پاٿ تي مئل حالت ۾ مليو هو، جنهن جي کيسي مان جاچ دوران نشي واريون شيون هٿ آيون هيون، جن تي ”پنڪي“ جو نالو لکيل هو.
پوليس کي شڪ آهي ته نوجوان جو موت جوابدار عورت انمول عرف پنڪي طرفان ڏنل نهايت خطرناڪ نشو واپرائڻ سبب ٿيو، جنهن ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عدالت ۾ پيشي دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته جوابدار عورت نه رڳو منشيات وڪرو پر غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ نوجوانن جي زندگين سان کيڏڻ ۾ پڻ ملوث آهي.
عدالت طرفان رمانڊ ملڻ کانپوءِ پوليس هاڻي بغدادي ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس جي سلسلي ۾ انمول عرف پنڪي کان پڇا ڳاڇا ڪندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن ڪيس جي نتيجي ۾ شهر ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ هڪ وڏو ۽ خطرناڪ گروهه وائکو ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.