اسلام آباد(عوامي آواز نيوز )تجزئي نگار سجاد انور چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته شايد وزيراعظم صدر کان استعيفيٰ وٺڻ ويا هئا، پر حقيقت اها ناهي، نه صدر استعيفيٰ ڏيندو ۽ نه ئي وزيراعظم اهڙو مطالبو ڪري سگهي ٿو۔ اصل ۾ اها ملاقات 28هين آئيني ترميم بابت هئي۔ وزيراعظم سان گڏ قانون وارو وزير، گهرو وزير ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر به موجود هئا، جنهن مان صاف ظاهر هو ته ملاقات جو مقصد قانون سازي هو۔سجاد انور موجب حڪومت وٽ 28هين آئيني ترميم جا ٻه ٽي مختلف مسودا آهن، ۽ صدر کان درخواست ڪئي وئي ته هو انهن تي راضپو ظاهر ڪن، صدر زرداري جو موقف اهو هو ته پ پ 18 هين آئيني ترميم کي واپس وٺڻ يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ بنيادي تبديلي قبول نه ڪندي۔هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته 8 جون کان اڳ ڪا نه ڪا آئيني ترميم ضرور منظور ڪئي وڃي، ته جيئن بجيٽ کان اڳ فنڊن جي ٻيهر ورڇ ممڪن بڻائي سگهجي۔ ان حوالي سان پيپلز پارٽي سان وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون، ۽ بلاول ڀٽو به اسلام آباد اچي رهيو آهي۔سجاد انور جو خيال هو ته 70 کان 80 سيڪڙو امڪان آهن ته ڪا نه ڪا آئيني ترميم منظور ٿي ويندي، پر اها ترميم شايد اسٽيبلشمينٽ جي “مڪمل ايجنڊا” مطابق نه هجي۔ هن چيو ته هڪ سخت مسودو آهي، جيڪو مسلم ليگ نون لاءِ به قبولڻ مشڪل آهي، هڪ وچٿرو مسودو آهي، ۽ هڪ نرم نوعيت جو مسودو آهي، جنهن تي شايد اتفاق ٿي سگهي ٿو۔هن وضاحت ڪئي ته وفاق وٽ پئسن جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 57.5 سيڪڙو حصو ملي ٿو، جڏهن ته وفاق وٽ 42.5 سيڪڙو رهجي وڃي ٿو، جڏهنته دفاع، قرضن جي ادائيگي ۽ ٻيا وڏا خرچ وفاق کي ڪرڻا پون ٿا۔هڪ تجويز اها آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو لڳ ڀڳ 760 ارب رپين وارو بار صوبن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي۔ جيڪڏهن ائين ٿئي ته صوبن جو حصو عملي طور گهٽجي ويندو ۽ وفاق جو حصو وڌي ويندو۔ سجاد انور موجب اها هڪ “وچٿري” تجويز آهي، جنهن تي شايد پيپلز پارٽي راضي ٿي سگهي۔هن چيو ته ٻي اهم ڳالهه اها ٻڌائي وئي ته اسٽيبلشمينٽ صحت ۽ تعليم جي پاليسي سازي وفاق وٽ رکڻ چاهي ٿي، جڏهن ته عملدرآمد صوبن وٽ رهي۔ خاص طور تي تعليم ۾ “سنگل نيشنل ڪريڪيولم” ۽ قومي بيانيي جي تعمير کي وفاقي سطح تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي۔سجاد انور جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته بغير آئيني ترميم جي به انتظامي فيصلن ذريعي ڪجهه مالي تبديليون آڻي سگهي ٿي، جيئن صوبائي خودمختياري متاثر نه ٿئي۔پروگرام دوران اڳوڻي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڪنور دلشاد جي ان بيان تي به ڳالهه ٿي، جنهن ۾ هن چيو هو ته آئين جي شق 243 ۾ ترميم ڪري ڪنهن وردي واري شخص کي صدر بڻائي سگهجي ٿو۔ سجاد انور ان خيال کي “پاڳلپڻو” قرار ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙي ريت صدر يا وزيراعظم مقرر ڪرڻا آهن ته پوءِ چونڊن ۽ آئين جي پوري اسڪيم کي رد ڪرڻو پوندو۔هن چيو ته صدر کي هٽائڻ جا صرف ٻه آئيني طريقا آهن؛ يا ته مواخذو ڪيو وڃي يا هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي۔ موجوده حڪومت وٽ پيپلز پارٽي کانسواءِ ايتري طاقت ناهي جو ڪنهن صدر کي مواخذو ڪري سگهي،هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ترميم تي راضي نه ٿي، ته پوءِ نيب جا پراڻا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا، جيئن دٻاءُ وڌائي سگهجي۔ هن چيو ته مختلف يوٽيوبرز ۽ اخبارن ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته نيب قانون ۾ ڪيل تبديليون واپس وٺڻ جي تياري ٿي رهي آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن نيب هاڻي سرگرم ٿيندي ته صاف ظاهر ٿيندو ته اهو سياسي دٻاءُ لاءِ ڪيو پيو وڃي۔ پر هن اهو به چيو ته پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ نيب جي ڪارروائين کي منهن ڏئي چڪيون آهن، ۽ آخرڪار اهي ئي ماڻهو ضمانتون وٺي آزاد ٿي ويندا آهن۔هن چيو ته جيڪڏهن 18هين ترميم ختم ڪئي وئي ته وفاق وڌيڪ مرڪزي ٿي ويندو، صوبائي اختيار گهٽجي ويندا، ۽ پوءِ ننڍن صوبن ۾ محروميءَ جو احساس وڌندو۔ سندس خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪجهه اشرافيا اهو سمجهن ٿا ته مضبوط وفاق ئي ملڪ کي مضبوط ڪندو، پر دنيا ۾ تمام گهڻي مرڪزيت کي بار سمجهيو ويندو آهي۔سجاد انور چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ واقعي سڌارا چاهي ٿي ته پوءِ احتساب، عدالتن ۽ انصاف واري نظام کي مضبوط ڪري، نه ته هر شيءِ پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ سان رڳو طاقت ته وڌندي، پر عوام ۾ بيزاري به وڌندي۔