بنگلاديش جي ڍاڪا ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست

ناهيد رانا پاڪستاني بيٽرن جا تَرا ڪڍي ڇڏيا، بنگلاديش ڍاڪا ٽيسٽ 100 رنسن تان کٽي ورتي
ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڍاڪا ٽيسٽ ۾ ناهيد رانا جي تباهه ڪندڙ بالنگ آڏو پاڪستاني بيٽنگ لائين لاءِ 268 رنسن جو هدف پهاڙ بڻجي ويو ۽ پوري ٻي اننگز ۾ 163 آئوٽ ٿي وئي.
بنگلاديش خلاف پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 3 رنسن تي ڪِري، پاڪستان کي ٻيو نقصان اذان اويس جي صورت ۾ کڻڻو پيو جيڪو 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ شان مسعود 2، عبدالله فضل 66 ۽ سلمان آغا 26، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان 15، 15، حسن علي هڪ جڏهن ته نعمان علي چار رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.
بنگلاديش جي نوجوان فاسٽ بالر ناهيد رانا شاندار بالنگ ڪندي 5 پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته تسڪين احمد ۽ تيج الاسلام 2-2 وڪيٽون ورتيون.
بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو کي پهرين اننگز ۾ سينچري ۽ ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪورڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ان کان اڳ بنگلاديش راند جي پنجين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز 240 رنسن تي 9 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي.
بنگلاديش جي ٻي اننگز ۾ ڪپتان نجم الحسن شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان جي حسن علي ۽ نعمان علي 3، 3، شاهين آفريدي 2 ۽ محمد عباس هڪ وڪيٽ ورتي.
نعمان علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجون 100 وڪيٽون به مڪمل ڪيون.
واضح رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.
بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 386 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
بنگلاديش هن فتح سان ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پڻ اهم پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.