ڪنڌڪوٽ/ غوثپور (نمائندا) ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جعفري برادري جو نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڀاڳيو لاڙي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جعفري برادري جي نوجوان مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪلاچند واسي علي مردان جعفري ٿڏي تي قتل ٿي ويو، ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن مقتول جو لاش انڊس هاءِ وي مير بگن خان بجاراڻي لاڙي وٽ رکي ڇڏيو، ڌرڻي دوران ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر سخت پريشان رهيا، مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان کي بنگلاڻي برادري جي هٿياربندن قتل ڪيو آهي، اسان ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو نوٽيس وٺي مقتول نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ خاطريءَ کانپوءِ روڊ کي کوليو ويو، جڏهن ته نوجوان جي قتل کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ڌريون مورچابند ٿي ويون.