پيرپاڳاري جي گهر جي ڳالهين جي به خبر آهي:سعديه جاويد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته بلاول هائوس پ پ ۽ پاڪستان جي غريب غيرتمند عوام جو سياسي قبلو آهي، ان جي باري ۾ راشد شاهه راشدي کي ڳالهيون ڪرڻ نٿو سونهين،هڪ صحافي سان ڳالهائيندي هن چيو ته انسان پاڻ شيشي جي گهر ۾ رهندڙ هجي ته ان کي پٿر نه هڻڻ گهرجي،پيرپاڳارو قابل  احترام آهي پر هن جي گهر جي باري ۾ گهڻيون ڳالهيون آهن جيڪي ماڻهن کي خبر آهن،اهو غيرمناسب آهي ته قيادت جي گهرن جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون وڃن،هن چيو ته پيرپاڳارو احترام لائق آهي،هن کي پنهنجي پٽ جو رڳو قد وڌائڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪرائڻ گهرجن،پيرپاڳاري کي پنهنجي پٽ کي سمجهائڻ گهرجي،راشد شاهه راشدي اهڙيون ڳالهيون ڪندو ته پ پ وارا به گهڻيون ڳالهيون ڄاڻن ٿا،ڪير ڪهڙي طرح جي گهر ۾ رهي ٿو،ڪنهن ڪنهن کي سوکڙي ڏني؟يا ڪرائي تي ورتو،پوءِ ان جو نالو تبديل ڪرائڻ جون ڪوششون ٿيون،اهي ڳالهيون عيان ٿينديون ته سٺو نه ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.