ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي چيف سليڪٽر جارج بيلي واضح ڪيو آهي ته گلين ميڪسويل، مارڪس اسٽوئنس ۽ اسٽيو سمٿ جو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر ختم ناهي ٿيو.
آسٽريليا کي جون ۾ بنگلاديش خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، جن لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر اعلانيل اسڪواڊ ۾ ۾ مٿي ڄاڻايل ٽيئي رانديگر شامل ناهن.
ان کانسواءِ پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ کي به آرام ڏنو ويو آهي ته جيئن هو ايندڙ مصروف ٽيسٽ شيڊيول جي تياري ڪري سگهن.
ميڪسويل ۽ اسٽوئنس گذريل ڪيترن ئي سالن کان آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو اهم حصو رهيا آهن ۽ 2021 واري ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ سندن اهم ڪردار هو، تازو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ سليڪٽرز نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جارج بيلي موجب، هي فيصلو مستقل ناهي پر مستقبل جي رٿابندي جو حصو آهي، ڇو ته 2028 جي هوم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ لاس اينجلس اولمپڪس کي نظر ۾ رکندي نئين صلاحيتن کي موقعو ڏيڻ ضروري آهي.