اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اَي) موبائل فون سمن جي بندش جي حوالي سان نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي اَي شهرين کي سندن موبائل فون سمن جي بندش کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين هدايت جاري ڪئي آهي.
پي ٽي اي جي جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون سمون جيڪي شهرين قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبرن تي حاصل ڪيون ويون آهن، جيڪي غير فعال آهن يا جن جو مدو ختم ٿي چڪي آهي، معطل ڪيون وينديون.
پي ٽي اي طرفان سمورن موبائل فون واهپيدارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي قومي شناختي ڪارڊ جي مدي ۽ ڄاڻ کي وقت سر اپڊيٽ ڪري وٺن.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شهرين جو سڃاڻپ ڪارڊ مدو پورو ٿيڻ سبب غير فعال ٿي چڪو آهي ته موبائل آپريٽر وٽ پنهنجي ڄاڻ اپڊيٽ ڪريو ۽ نادرا مان سڃاڻپ ڪارڊ فعال ڪرايو.
پي ٽي اي واهپيدارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي سڃاڻپ جي توثيق کي يقيني بڻائين، جنهن سان سندن رابطو محفوظ رهندو.