اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ميمبرن جي ٻارن کي 28 سالن تائين بليو پاسپورٽ ڏيڻ بابت بل پيش ڪيو ويو آهي.
سينيٽ ۾ سينيٽر عبدالقادر پاسپورٽ ايڪٽ 1974 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪندي چيو ته گريڊ 22 جي هڪ آفيسر کي پنهنجي ٻارن لاءِ بليو پاسپورٽ جي سهولت حاصل آهي، تنهنڪري سينيٽ ميمبرن کي به اها سهولت ملڻ گهرجي.
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري طرفان بل جي مخالفت ڪئي وئي آهي.
طلال چوڌري چيو ته پاسپورٽ رولز بلڪل واضح آهن ته ٻارن کي بليو پاسپورٽ نٿو ڏئي سگهجي.
سينيٽ چيئرمين بل کي وڌيڪ بحث لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني پاسپورٽ رياست جي شهرين کي عالمي سفر لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي، جيڪو سڃاڻپ ۽ پاڪستاني شهري هئڻ جي تصديق ڪري ٿو.
گهرو وزارت جي شاخ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ اِها ذميواري نڀائيندي آهي.
عام طور تي 5 يا 10 سالن لاءِ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته 15 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي 5 سالن جو پاسپورٽ ملي ٿو.