اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نئين قسط عيدالاضحيٰ کان اڳ 18 مئي 2026 کان جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.
حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ايندڙ قسط 18 مئي 2026 کان جاري ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن عيدالاضحيٰ کان اڳ مستحق خاندانن کي مالي سهائتا ملي سگهي.
هن پروگرام تحت ادائيگيون رڳو اهڙن ڪٽنبن کي ڪيون وينديون جيڪي اڳ ئي قومي سماجي ۽ اقتصادي رجسٽري سروي (اين ايس اِي آر) ذريعي رجسٽرڊ ۽ تصديق ٿيل آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي رقمون سڄي ملڪ ۾ ورهايون وينديون، پر رڳو اهل ۽ تصديق ٿيل عورتن (خاندان جي سربراهه) کي ادائيگي ڪئي ويندي.
نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت ويري فيڪيشن ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي قرار ڏني وئي آهي.
اهليت جو معيار
پروگرام موجب، اهڙا گهراڻا جن جو پي ايم ٽي اسڪور 32 يا ان کان گهٽ آهي اهل هوندا، جڏهن ته معذور ماڻهن جي گهراڻن کي 37 اسڪور تائين اهل قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ادائيگيون بنيادي طور عورتن کي نادرا مان تصديق ٿيل شناختي ڪارڊ ذريعي ڏنيون وينديون، بيواهه، طلاق يافته ۽ ڌار رهندڙ عورتن کي خاص ترجيح ڏني ويندي.
عيد کان اڳ قسط جاري ڪرڻ جو اعلان، ڪهڙيون عورتون رقم حاصل ڪري سگهنديون؟ تاريخ ۽ تفصيل پڌرا
Prev Post
You might also like