لاهور (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته اسان آءِ پي پيزکي مستقبل لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، بجلي ايتري سستو ڪرڻ وارا آهيون جو ماڻهو بيٽري ۾ محفوظ ڪندا ۽ رات جو استعمال ڪري سگهندا.
لاهور جي خانگي يونيورسٽي ۾ پاور ڪانفرنس کي وڊيو خطاب ڪندي اويس لغاري چيو ته توانائي شعبي جا سڌرا ملڪ لاءِ گهڻو اهم آهن.
هن چيو ته اڄڪلهه سبسڊي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان موقعو ڏئي رهيا آهيون ته خانگي ڪمپنيون اچن ۽ پاڻ سمارٽ ميٽر کڻي اچن.
اويس لغاري جو چوڻ هو ته مسئلو تڏهن وڌيڪ ٿيندو آهي جڏهن ڊيفيڪٽو بل تي بل وڌو ويندو آهي، ڪو به ڊيفيڪٽو ميٽر ٽن مهينن کان وڌيڪ نه هلي ته جيئن بلنگ جو بار نه اچي.
سندس چوڻ هوته آءِ پي پيز کي مستقبل لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت آءِ پي پيز جي ڪاروبار مان نڪري وئي آهي، اسان وڌيڪ 10 هزار ميگا واٽ جا آءِ پي پيز لڳائڻ وارا هئاسين جن کي روڪي ڇڏيو آهي.
وفاقي وزير چيو ته صنعت ۽ زراعت لاءِ بجلي جا اگهه مختلف هوندا، ڏينهن جي وقت بي 3 ۽ بي فور لاءِ 6 کان 7 رپيا سستي بجلي ڏينداسين.
اسان بجلي ايتري سستو ڪرڻ وارا آهيون جو ماڻهو ان کي بيٽري ۾ محفوظ ڪري رات جو استعمال ڪري سگهندا.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميٽرن جي خريداري ۾ بچت ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ هڪ ٻن سالن ۾ ڪمپنيون پرائيويٽ ٿي وينديون.