واٽس ايپ پاران ميسيجنگ پليٽفارم جي ويب ورزن ۾ هڪ وڏي اپ ڊيٽ اچي وئي آهي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ پاران ويب ورزن ۾ ڪسٽمائز ايبل چيٽ ٿيمز فيچر جو تجربو ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڃا ان فيچر تي ڪم جاري آهي پر ڪمپني پاران واٽس ايپ ويب ورزن کي بهتر بڻائڻ جو ڪوششون ڪيون پيون وڃن.عام طور تي ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ پاران واٽس ايپ ويب ۾ پرسنلائزيشن فيچرز تي وڌيڪ ڌيان ناهي ڏنو ويندو. اڃا واٽس ايپ ويب ۾ عام طور تي ميسيجنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ انٽرفيس تي وڌيڪ ڪم ناهي ڪيو ويندو، پرنئين رپورٽ موجب نئين چيٽ ٿيمز سان واهپيدار ميسيج ببل جي رنگن، وال پيپر ۽ چيٽ بيڪ گرائونڊ کي ويب برائوزرجي اندر ئي تبديل ڪري سگهندا.
اهو فيچر واٽس ايپ ويب جي سيٽنگز ۾ چيٽ ٿيم سيڪشن جي اندر ڏنو ويندو جنهن سان واهپيدار هر چيٽ لاءِ مختلف ٿيم استعمال ڪري سگهندا.
چيٽ انفوپيج ۾ به اهو آپشن ڏيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان مخصوص چيٽ جي ٿيم کي آساني سان مٽي سگهجي ٿو.