ٽوبا ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ) ٽوبا ٽيڪ سنگهه مان پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ايوب گاڏهي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن..
پوليس موجب، ايم پي اي ايوب گاڏهي جي اوطاق تي اڻڄاتل هٿياربندن طرفان فائرنگ ڪئي وئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ايم پي اي جا ٽي ساٿي ٿڏي تي ئي مارجي ويا ويا، جڏهن ته ايوب گاڏهي سخت زخمي ٿي پيو.
ريسڪيو اختيارين موجب، ايوب گاڏهي کي زخمي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيو ويو آهي، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.
آءِ جي پنجاب عبدالڪريم ايوب گاڏهي جي اوطاق تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او فيصل آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.