ڍاڪا ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن: پاڪستان 386 رنسن تي آئوٽ

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان جي سڄي ٽيم پهرين اننگز ۾ 386 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته بنگلاديش کي 27 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي آهي. بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهيون هيون.

رپورٽ موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز هڪ وڪيٽ تي 179 رنسن تان ٻيهر شروع ڪئي. قومي ٽيم طرفان اذان اويس 84 ۽ عبدالله فضل 37 رنسن سان ڪريز تي موجودهيا. ڀارتي رپورٽن موجب پنهنجي پهرين ئي ٽيسٽ ميچ ۾سينچري اسڪور ڪندڙ اذان اويس 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هن 153 بالن تي 14 چوڪن جي مدد سان پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ۽ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري ٺاهيندڙ پاڪستان جو 14هون بيٽر بڻجي ويو.

پاڪستان جي ٽين وڪيٽ 226 رنسن تي ڪري، جڏهن ڪپتان شان مسعود9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ايندڙ ئي اوور ۾ 227 رنسن تي سعود شڪيل پويلين موٽيويو. عبدلله فضل پڻ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪئي ۽ 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد پاڪستان جون پنج وڪيٽون 230 رنسن تي ڪري پيون.

ان موقعي تي سلمان علي آغا ۽ محمد رضوان اننگز کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي رانديگر ترتيبوار 58 ۽ 59 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پاڪستان جي سڄي ٽيم 386 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش طرفان محدي حسن ميراز5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته تيجل اسلام ۽ تسڪين احمد ٻه، ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا.

ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. نجم الحسن شان101، مومن الحق91 ۽ مشفق رحيم71 رنسن سان نمايان رهيا هئا. پاڪستان طرفان محمد عباس5 ۽ شاهين شاهه آفريدي3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نعمان علي ۽ حسن علي هڪ، هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.