رپورٽ موجب هڪ نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ نتيجا سامهون آيا آهن جنهن ۾ ماهرن چيو ته رڳو هڪ رات جي خراب ننڊ سان انساني دماغ تي اهڙا اثر ٿيندا جنهن سان الزائمر جي بيماري ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب مختصر وقت لاءِ بي خوابي يابي چيني سان دماغ کي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيئن دماغي سيلز جي وچ جو لاڳاپو ڪمزور ٿي ويندو آهي، يادداشت کي متاثر ڪرڻ وارو ورم سرگرم ٿي ويندو آهي، زهريلو مادو گڏ ٿيڻ لڳندو آهي جڏهن ته نوان دماغي خليا بڻجڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي.
ماهرن ٻڌايو آهي ته تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته هڪ رات جي خراب ننڊ سان دماغ تي منفي اثر ٿيندا آهن جيڪي الزائمر مرضن سان ملندڙ جلندڙ آهن. ماهرن چيو ته 18 کان 64 سالن جي عمر وارن کي روزانو 7 کان 9 ڪلاڪ جي ننڊ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن دماغي صحت مستحڪم رهي سگهي.
رپورٽ موجب ٻارن يا 18 سالن کان گهٽ عمر اورن کي دماغي نشونما لاءِ ان کان وڌيڪ ڪلاڪن جي ننڊ ضروري هوندي آهي.
ماهرن وڌيڪ دعوا ڪئي ته گھٽ ننڊ وارن ماڻهن کي نيون شيون سکڻ ۾ مسئلا ٿيندا آهن، هو ڳالهين کي آرام سان وساري وهندا آهن، فرضي يادون وڌي وينديون آهن، ڪاوڙ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيندا آهن جڏهن ته جذباتي يادن جو تجزيو ڪرڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي.
الزائمر مرضن جو اڃا ڪو علاج ناهي لڌو پر تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته منجهند جي مختصر ننڊ ۽ رات جي وڌيڪ ننڊ سان وڏا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
ان کان اڳ نومبر 2023 ۾ ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ رات جي خراب ننڊ سان جسماني توانائي رڳو گهٽ ناهي ٿيندي پر دل جي حرڪت به بي ترتيب ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
واضح رهي ته دل جي حرڪت ۾ تبديلي هارٽ فيليئر، فالج يا ٻين بيمارين جو خطرو وڌائي ڇڏيندي.
انهن فردن کي دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي جا مسئلا هيا ۽ اهو ڏٺو ويو ته انهن جي ننڊ جو معيار ڪيئن آهي.
نتيجن مان ڄاڻ ملي ٿي ته رڳو هڪ رات جي ننڊ سان دل جي حرڪت متاثر ٿيڻ جو خطرو 15 سڪڙو وڌي وڃي ٿو.
جيئن ننڊ جي گهٽتائي جو سلسلو هڪ ڏينهن يا هفتن تائين جاري رهيو ته اهو خطرو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.