عورت بابت مردن جا ناڪاري ذهن تبديل ڪرڻا پوندا:عورت ادبي ڪانفرنس

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي پاران ڪانفرنس آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ چيو ته لفظ ڪاري سنڌ جو اصطلاح نه آهي، اهو ٻاهران آيل آهي، عورتن جي الڳ شاخ قائم ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، سنڌي لوڪ گيتن ۾ عورتن جو اھم ڪردار  آھي، ادب ۾ مزاحمتي ڪردار نورالھديٰ شاهه، سلطانه وقاصي ۽ ٻيا آھن، جيڪي سنڌي ادب کي شاھوڪار ڪيو، ڪارو ڪاري سنڌ جو ڪلچر ناھي، اسان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو ھو ڪارو ڪاري کي غلط رنگ ڏئي پسند جي شادي کي ڪارو ڪاري جو نالو ڏنو ويو آهي، پنھنجن مفادن خاطر ڇوڪرين کي ماريو ويندو آهي. پيپلزپارٽيءَ جي ايم اين اي مھتاب اڪبر راشدي چيو ته اسين عورتون اسير آھيون، غلام آھيون، سوچ جا اسان وٽ معاشري جا تضاد آھن، منھنجي عمر 75 سال ٿي وئي آهي ته ٻڌنڌي پئي اچان عورت ڪمزور آھي، ھيڻي آھي، پر عورت کي اعتماد ڏيندڙ به مرد آھي، بابا اسان مٿان اعتماد ڪندي حيدرآباد ۾ پڙھايو، اسان کي ٽي وي تي، ريڊيو تي اجازت ڏني، اسان به بابا جي اعتماد تي پورو لٿا سين، ٻاھرين ملڪن ۾ مرد گھر جو ڪم ڪار ڪن ٿا پر ھتي عورتن مٿان حڪم ھلائين ٿا، بورچيخاني ۾ ھڪ منٽ به بيھي نه ٿا سگھن، مرد پنھنجي ذھنن کي کولين، اهو غلط آهي ته مائي ڪاري آھي، مرد اڇو آھي  ۽ پوءِ ڪاري ڪارو جو فيصلو ڪندڙ به مرد آھي، جيسيتائين ذھن نه تبديل ٿيندو ته معاشرو ڪونه تبديل ٿيندو جيڪڏهن مک تنظيم ۾ عورتن لاءِ جاءِ ناھي ته پوءِ ھو الڳ شاخ ٺاھي سگھن ٿيون، پٽ جي مقابلي ۾ ڌيءَ کي اھميت ڏيڻ گھرجي، ادب مٿان مردن جو قبضو آھي يا نه اھا پراڻي ڳالهه ٿي چڪي آهي، عورتن جي شاخ الڳ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، سگا جون سئو کان وڌيڪ شاخون آھن پر سگا وارن کان پڇيو وڃي ته عورتن جو تعداد ڪيترو آھي. ڪالم نگار ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آھن، مان ذاتي طور تي عورتاڻي ۽ مرداڻي شاخ جي خلاف آھيان، سال 2026ع  عورتن جي حوالي سان خراب آھي، عورتون ڪسجي رھيون آھن، اچو گڏجون ھڪ آواز بڻجون اين جي اوز ڪڏهن ملڪ ڪونه بچائينديون آھن، سياست کان سواءِ ڪوبه وڏو ھٿيار ناھي، عورتون مردن کان ڌار نه ٿين اڳواڻي عورتون ئي ڪن. ليکڪا ڊاڪٽر عابده گھانگھرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچي جون 44 گڏجاڻيون ڪري چڪا آھيون، ھي پھرئين سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪرائي آھي ۽ اھو سلسلو جاري رھندو. پروفيسر شھربانو ڪاڪا چيو ته  مائي بختاور مزاحمت جو نالو آھي، شھيد محترمه بينظير ڀٽو جو به مزاحمت ۾ نالو سرفهرست آھي ۽ مائي جندو جو ڪردار بيمثال آھي، مزاحمتي ادب ۾ سنڌي ليکڪائن سماجي برائين فرسوده ريتن رسمن تي وڏي شدت سان پنھنجي قلم ذريعي مزاحمت ڪئي آھي تعليمي ادارن ۾ عورتن کي هراسان ڪيو پيو وڃي اسان عورتن کي گھرجي ته ڪاري ڪارو ۾  عورتن جي زندگيءَ بچائڻ ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. پروفيسر ساڀيان سانگي چيو ته ج. ع. منگھاڻي جي سڃاڻپ شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ڪيل ڪم آھي ھن لطيف جي فن ۽ فڪر تي وڏو ڪم ڪيو آهي. پروفيسر ذڪيا چنا چيو ته غيرت جي نالي قتل جاھلاڻو آھي، ذاتي فائدن لاءِ عورتن کي قتل ڪيو ويندو آهي، تعليمي ادارن ۾ عورتن جون خودڪشيون هراسمينٽ جا واقعا وڌي رهيا آهن. ڊاڪٽر رضيا ٻگهيو چيو ته سنڌي سفر نامن ۾ لکنڌڙ  عورتن جو انگ گھٽ آھي، ان جو ڪارڻ عورتن کي اجازت نه ملڻ آھي، سنڌي عورتن کي گھرجي ته جڏهن به ٻاهر وڃن ته ڪتاب سفرنامي جو ضرور لکن ته جيئن کوٽ کي پورو ڪري سگھجي. پروفيسر نفيس فاطمه جعفري چيو ته لوڪ ادب جو مطالعو ڪندا آهيون ته اتي ڪٿي نه ڪٿي عورت نظر ايندي آهي. ڪانفرنس ۾ سڀني خطاب ڪندڙن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. جڏهن ته هن ويھڪ جي ڪارروائي ڊاڪٽر عابده گھانگھرو ھلائي. سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ”سنڌي عورت ادب ۽ سماج“ ويهڪ کي خطاب ڪندي شاعره عطيا دائود چيو ته 1980ع کان مزاحمت ڪندي پئي اچان، ڪراچي ۾ ھلندي ٽانڊن تان گذري رھي آھيان، مزاحمت پنھنجي جاءِ تي آھي عورت مارچ ٿئي پيو پر اتساهه ڏيڻ وارا ڪمزور ٿي ويا آھن، جدوجهد ھلي رھي آھي پر پھريان جي دؤر ۾ ڪمزور آھي. ھن چيو ته عشقيه شاعري ڪرڻ تي عورتن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. پنھنجي آٽو بايوگرافي ۾ پنهنجا ڪيل عشق لکيم. عطيا دائود چيو ته مون جنهن سان عشق ڪيو ان سان شادي به ڪئي. ليکڪا امر سنڌو چيو ته سماج مڪمل ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، سماج لاءِ معاشي وسيلا پيدا ڪيا ويندا آھن سنڌي سماج ڪنھن زماني ۾ تشدد جو شڪار رھيو آھي.  ليکڪا حسين مسرت چيو ته اڄڪلھه جي عورت سڄاڳ آھي، عورت ادب ۾ پنھنجو مقام ٺاھي رھي آھي، عورتن کي جاءِ نه ڏيو پر اھي ھاڻي ٺاھي رھيون آھن. شاعره ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته لکڻ کان پھريان سوچيندي آھيان، ڪيترا ڀيرا لکي ڊاھي به ڇڏيو ھو لڪير ڇڪڻي پئي ٿي، ٻاھر جيڪا باهه ٻري ٿي ان خلاف لکي به نه ٿو سگهجي، عورتن کي لکڻ لاءِ احتياط کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته عشق فطري جذبو آهي. ڪھاڻيڪاره شبنم گل چيوته سماج لاءِ خوبصورت عورت بھادر عورت برداشت ڪرڻ مشڪل ھوندو آھي، شروع ۾ جيترن ئي عورتن لکيو انھن ڀوڳيو آھي، ھاڻي جيڪا به عورت لکي ٿي اھا پاڻ کي قيد محسوس ڪري ٿي. ھن وڌيڪ چيو ته آٽو بايو گرافي لکڻ وقت علامتن جو سھارو وٺڻو پيو سچ گھڻو ڪونه ٿا ڳالھائي سگھون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.