سڊني(م ڊ) آسٽريليا جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهي، جيڪي پاڪستاني ۽ پرڏيهي شهرين، اهم ٿاڪن ۽ رياستي ادارن کي نشانو بڻائين ٿا. آمريڪا پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ پابندي مڙهيل مجيد برگيڊ کي دهشتگرد گروپ قرار ڏنو آهي.بيان موجب، دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي سان وڙهڻ لاءِ آسٽريليا جو عزم بيحد آهي. پابندين جو مقصد دهشتگردن جي مالي مدد کي ختم ڪرڻ آهي ته جيئن انهن لاءِ آپريشن ڪرڻ، ڀرتي ڪرڻ ۽ انتهاپسند نظريا پکيڙڻ ڏکيو ٿي پوي. آسٽريليا جي حڪومت چيو ته اها علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ نيٽ ورڪن جي خلاف بين الاقوامي ڀائيوارن سان ڪم جاري رکندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پابندين جي تابع فردن ۽ تنظيمن کي استعمال ڪرڻ، انهن سان ڊيل ڪرڻ يا مالي وسيلن جي فراهمي آسٽريليا جي قانون تحت هڪ جرم هوندو، جنهن جي سزا ڳري ڏنڊ ۽ 10 سالن تائين قيد هوندي. آسٽريليا جي حڪومت موجب، دهشتگردن خلاف پابندين جو مقصد بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.