نيراني ليمي جي رس جا فائدا ۽ نقصان!

نيراني هڪ ڪوپ ليمي جي رس پيئڻ سان جسم اندر زهريلو مادو صاف ڪرڻ ۽ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪارائتو سمجهيو ويندو آهي پر حقيقيت ۾ محدود فائدا آهن ۽ جيئن ان کي وڌيڪ استعمال ڪجي ته اهو ڏندن ۽ هاضمي کي نقصان رسائي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب ليمي ۾ وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن. آمريڪا جي فوڊ ڊيٽا سينٽرل موجب 100 گرام ليمي ۾ 53 ملي گرام وٽامن سي هوندو آهي، جيڪو جسم جي ميٽابولزم کي سهارو ڏيندو آهي ۽ جيوڙن کي آڪسيڊيٽو دٻاءُ کان محدوظ رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

رپورٽ ۾ ماهرن موجب اهڙي خاصيت سبب ڪيترائي ماڻهو ليمي جي رس کي جسم مان زهريلي مادي کي ڪڍڻ، وزن گهٽ ڪرڻ ۽ جلد صاف رکڻ سان جوڙيندا آهن پر ان بابت دليلون مضبوط ناهن.

هنن چيو ته فلحال اهڙو ڪو ثبوت ناهي ته ليمو سڌي ريت ڪيلوريز ساڙي ٿو يا وزن گهٽ ڪري ٿو. ڊاڪٽر موجب جيئن گهڻي مقدار ۾ تيزابي جوس استعمال ڪيو ويندو ته ڏندن ۾ اينامل متاثر ٿيندو. ان کانسواءِ جن کي معدي جي سوڄ يا تيزابيت جي شڪايت هجي انهن لاءِ خالي پيٽ ليمي جو رس پيئڻ ساڙو ۽ تڪليف پيدا ڪندو.

ماهرن موجب ڪا هڪ خوراڪ يا معمول صحت جو فيصلو ناهي ڪندو. اصل اهميت متوازن کاڌ خوراڪ جي هوندي آهي ۽ صحت مند انداز جي زندگي گذارڻ. فوري حل جي بجاءِ پنهنجي جسماني حياتياتي وقت موجب متوازن خوراڪ واپرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.