گهرو کاتي گڏيل عرب امارتن مان پاڪستانين کي ڪڍڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت سوشل ميڊيا تي گڏيل عرب امارات (يو اَي اِي) مان ڪنهن ملڪ يا فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ بابت خبرن کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يو اي اي ۾ ڪنهن ملڪ يا فرقي خلاف ڪا به مخصوص ڊي پورٽيشن مهم ناهي هلي رهي، يو اي اي مان نيڪالي رڳو ميزبان ملڪن جي قانونن جي ڀڃڪڙين تي ٿيندي آهي.
وفاقي گهرو کاتي واضح ڪيو آهي ته يو اي اي مان نيڪالي ويزا ڀڃڪڙين ۽ غير قانوني دستاويزن جي بنياد تي ٿيندي آهي.
پڌرائي چيو ويو آهي ته پاڪستاني شهري بدستور يو اي اي ۽ ٻين دوست ملڪن ۾ ورڪ ويزا حاصل ڪري رهيا آهن.
گهرو کاتي موجب، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا لاڳاپيل ملڪن سان سفارتي ذريعن ذريعي اٿاريا ويندا آهن، پاڪستانين سان هر معاملو ڪيس ٽو ڪيس جي بنياد تي ڏٺو ويندو آهي.
گهرو وزارت غير تصديق ٿيل خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جڙتو خبرون بدنيتي ۽ ناپاڪ مقصدن تحت پکيڙيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.