واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي واکاڻ ڪئي آهي.
آمريڪي صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستاني قيادت جي چوڻ تي ”پروجيڪٽ فريڊم“ کي روڪيو ويو.
آمريڪي صدر ان کان اڳ به ڪيترن ئي موقعن تي ايران جنگ واري معاملي تي پاڪستان جي قيادت کي ساراهيندو رهيو آهي ۽ هن پاڪستان جي اپيل تي جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي ۽ ايران تي حملا ملتوي ڪيا هئا.