قطر مان سستي گئس ملڻ جي اميد، پاڪستان ايل اين جي جون عالمي ٻوليون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قطر مان سستي گئس ملڻ جي اميد تي پاڪستان ايل اين جي جون عالمي سطح تي گھٽ ۾ گھٽ ٻوليون) رد ڪري ڇڏيون آهن.
پاڪستان ٻه ڪارگوز ”ٽرم ڪانٽريڪٽ“ جي شرح تي حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪي برينٽ ڪچي تيل جي اگهن جي 13.37 سيڪڙو جي برابر آهن.
پاڪستان خميس ڏينهن ايل اين جي جي 2 اسپاٽ ڪارگوز لاءِ مليل گھٽ ۾ گھٽ ٻولين کي منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ بين الاقوامي سپلائرز طرفان کوڙ مقابلي واريون آڇون مليون هيون.
هن فيصلي پٺيان اهي اشارا مليا آهن ته پاڪستان انهن جي بدران قطر سان ڊگهي مدي وارن معاهدن جي تحت واضح طور تي گهٽ اگهن تي ايل اين جي جي حاصل ڪري سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ 2 ادارن، يعني بي پي سنگاپور ۽ ٽوٽل انرجي گئس اينڊ پاور لميٽيڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته سندن آڇون قبول نه ڪيون ويون آهن.
ان اڳڀرائي کان واقف اختيارين موجب، اهو فيصلو قطر پاران ملندڙ انهن هاڪاري اشارن سان لاڳاپيل لڳي ٿو، جن ۾ ايل اين جي جي 2 ڪارگوز جي دستيابي جو ٻڌايو ويو آهي، جن کي آبناءِ هرمز جي رستي آڻي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.