شانتو جو شاهينن کي سٽڪو، ڍاڪا ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بنگالي بيٽرن جي ناءُ

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي چئن وڪيٽن جي نقصان ته 301 رنسون ٺاهي ورتيون.
ميرپور جي شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
راند جي پهرئين ڏينهن بنگلاديشي بيٽرن پاڪستان بالرن خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ويو
بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو پاڪستان جي خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪئي، هن 130 بالن 101 رنسون ٺاهيون.
مومن الحق نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي 91 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽيو.
ميزبان ٽيم پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 301 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ٺاهي ورتيون آهن، تجربيڪار مشفق الرحيم 48 ۽ لٽن داس 8 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
پاڪستان طرفان محمد عباس، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ نعمان علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا، جڏهن ته عبدالله فضل ۽ آذان اويس ڊيبيو ڪرايو آهي.
ياد رهي ته گوڏي جي انجري سبب بابر اعظم هن ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم کي دستياب ناهي.
ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.