پاڪستاني اسٽار بيٽر بابر اعظم جي انجري بابت اپڊيٽ سامهون اچي وئي

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿيندڙ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي صحت بابت اپڊيٽ سامهون آئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي انجري سنجيده قسم جي ناهي، هن پريڪٽس سيشنز ۾ ڀرپور حصو ورتو.
گذريل ڏينهن پريڪٽس دوران بابر کي کاٻي گوڏي ۾ سور محسوس ٿيو هو، جنهن تي ٽيم مئنيجمينٽ کي آگاهي ڏيڻ کانپوءِ سندس ايم آر آءِ اسڪين ڪيو ويو.
حفاظتي سببن جي ڪري بابر اعظم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آرام ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، بابر اعظم پاڻ آرام جو مطالبو نه ڪيو هو پر ٽيم مئنيجمينٽ کيس آرام ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ دستياب هوندو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.