سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، مبينا طور غيرت جي نالي تي پيءُ پنهنجي 15 سالن جي ڌيءُ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو هو، جنهن ۾ جوابدار نياڻي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش کي گهر جي اندر ئي دفنائي ڇڏيو هو.
پوليس جو چوڻ آهي واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي لاش هٿ ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جوابدار واقعي کانپوءِ گهر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس موجب، جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. نياڻي جي اهڙي ريت بيدردي سان قتل تي علائقي ۾ سخت ڏک ۽ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي.