اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته موبائيل فونن تان ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته حالتن جي ڪري ڪيترائي قدم نه چاهيندي به کڻڻا پوندا آهن، موبائيل فونن تي پي ٽي اي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته پاڪستان ايندڙ موبائيل فون ڪجهه هفتن کانپوءِ پاڻمرادو بلاڪ ٿي ويندا آهن، ٻاهران ايندڙ فون نيٽ ورڪ ۾ رجسٽرڊ نه ٿيڻ سبب بلاڪ ٿيندو آهي.
طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون.