پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاهن چاڙهن سبب حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ جائزي دوران واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
تيل جي صنعت جي اندروني ڪاٿي موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 75 پئسا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب، پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 270.03 رپين مان وڌي 274.77 رپيا في ليٽر ٿيڻ جي اميد آهي.
ان واڌ جو بنيادي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت جو 139.03 ڊالر مان وڌي 143.01 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ آهي. جيتوڻيڪ پريميئم ۽ ٻين خرچن ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي، پر عالمي اگهن ۾ وڏي واڌ ان ريليف کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽرول جي ابتڙ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ رڳو 20 پئسا في ليٽر جي معمولي واڌ جو امڪان آهي، يعني اها لڳ ڀڳ اڻ تبديل ٿيل رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.