ايراني صدر جي نئين سپريم ليڊر سان پهرين ملاقات

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جو چوڻ آهي ته هن سپريم ليڊر مجتبى خامنه اي سان ملاقات ڪئي آهي.
هي ملاقات ڪڏهن ٿي، ان حوالي سان ايراني صدر ڪي تفصيل ته نه ڄاڻايا آهن پر هن چيو آهي ته اها ملاقات ”اڍائي ڪلاڪن“ تائين جاري رهي.
تهران جي صنعت واري وزارت جي هڪ تقريب ۾ ايراني صدر چيو ته ” ملاقات ۾ جيڪا شيءِ منهنجي لاءِ نمايان رهي، اها سپريم ليڊر جو ٽڪراءَ وارو انداز، نظريو ۽ سندس عاجزاڻو ۽ مخلصاڻو رويو هو.“
واضح رهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري ۾ علي خامنه اي جي شهيد ٿيڻ هڪ هفتي کانپوءِ سندس پٽ مجتبى خامنه اي کي ملڪ جو نئون رهبر اعليٰ مقرر ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ مجتبى خامنه اي جو ڪو به آڊيو يا وڊيو پيغام جاري ناهي ڪيو ويو ۽ ايراني ميڊيا رڳو سندس لکت ۾ جاري ڪيل پيغام شايع ڪيا آهن، ڪجهه اطلاعن آهن ته هو پنهنجي رهائشگاهه تي حملي دوران زخمي ٿي پيو هو ۽ هن وقت ڪنهن محفوط هنڌ تي موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.