اسلام آبا(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته معرڪه حق ۾ الله جي مدد سان پاڪستان کي ڪاميابي ملي، جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي الله جي خاص مدد حاصل آهي.
گهرو معاملن واري رياستي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته معرڪه حق ۾ الله تعاليٰ جي مدد سان پاڪستان کي ڪاميابي ملي، سڄي ملڪ ۾ معرڪه حق بابت تقريبون ٿي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ننڍي ۽ وچولي سائيز جا ڊرون اسان جي مختلف علائقن ۾ موڪليا، ڀارتي ڊرون ٿوري انگ ۾ پاڪستان پهتا، اڪثر ڊرونز کي سرحد تي اسان جي رينجرز تباهه ڪيو، ڀارت جي ڪوشش هئي ته سائبر حملا ڪري، پر سائبر حملن ۾ ڀارت اسان جي ويجهو به نه اچي سگهيو.
هن چيو ته پاڪستاني فوج معرڪه حق ۾ قوم جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪيو، اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اسان معرڪه حق ۾ ڇا ڪيو. پاڪ-ڀارت جنگ ۾ ڊرونز جو استعمال تمام گهڻو ٿيو جيڪو پهريان ڪڏهن به نه ٿيو هو.
هن چيو ته نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم جي گهر جي مٿان اسان جا ڊرون ڦرندا رهيا جنهنڪري ڀارتي ڊپ ۾ وڪوڙجي ويا هئا، اسان جو ٽارگيٽ ڀارتي شهري نه هئا جڏهن ته هنن اسان جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو، اسان جا جوان سرحد جي بلڪل ويجهو موجود هئا، جنهن ڪري ڀارت کي اڇا جهنڊا لهرائڻا پيا.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳو رهيو، اسان جي ميڊيا هڪ پيغام ذريعي پوري قوم کي گڏ ڪيو، معرڪه حق ۾ پاڪستاني ميڊيا جي ڪردار جو ڪو مثال نٿو ملي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا مسلسل منجهيل هئي.
گهرو وزير چيو ته فيلڊ مارشل کي الله جي خاص مدد حاصل آهي، مون جنهن جنهن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندي ڏٺو اهو ڪڏهن ٻڌائيندس پر اِهو الله جو فيلڊ مارشل تي خاص ڪرم آهي.
هن چيو ته ڀارت جنگبندي کان اڳ اسان جي بيس تي حملو ڪيو هو، اسان آخر ۾ تمام سوڙهي جاءِ تي حملو ڪيو پر سندن سڀ کان وڏو آئل ڊيپو تباهه ٿي ويو، ڀارت جا وڏا ٽارگيٽس اسان جي نشاني تي هئا، سندن جهاز ۽ بحري ٿاڪ نشاني تي هئا، تڏهن ئي ڀارت جنگبندي ڪرائڻ لاءِ پهتو.
سينيٽر محسن نقوي چيو ته اسان پنهنجي ڳجهين ايجنسين جي ڳالهه نٿا ڪريون، جيڪي جيڪڏهن وقتائتو ڪردار ادا نه ڪن ها ته اِهو ممڪن نه ٿئي ها.
آپريشن بنيان مرصوص ۾ اسان جي ڳجهين ايجنسين جو مُک ڪردار هو. اسان کي ڀارت جي هر تفصيل اهڙي ريت ملي رهي هئي ڄڻ اهو اسان جو پنهنجو ملڪ هجي، اسان جي ڳجهي ايجنسين جيڪو ڪيو ان تي مان پاڻ دنگ رهجي ويو هوس.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت کي وڏي نقصان کان بچايو، معرڪه حق ۾ ڀارت کي ايترو نقصان پهتو آهي جو هو پاڪستان خلاف ڪنهن به مهم جوئي کان اڳ ڪيئي ڀيرا سوچيندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ محسن نقوي چيو ته آمريڪا-ايران جنگبندي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن تي ڀروسو رکو.