ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپراسٽار اڪشي ڪمار اکين جي نظر کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرجري ڪرائڻ سبب ڪجهه وقت لاءِ ڪم کان وقفو وٺي ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هدايتڪار پريا درشن جي فلم ”ڀوت بنگلا“ جي ڪاميابي کانپوءِ اڪشي ڪمار هاڻي هدايتڪار انيس بزمي جي نئين پراجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ مصروف هو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڪشي ڪمار اربع ڏينهن اک جي سرجري ڪرائي هئي، جيڪا معمولي نوعيت جي ٻڌائي پئي وڃي، سرجري سبب هن مختصر وقت لاءِ فلمن جي مصروفيتن تان وقفو ورتو آهي.