ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل، رقاصه ۽ ااداڪارا نورا فتحي کي فلم ”ڪي ڊي – دي ڊيوِل“ جي گاني ”سرڪي چنر“ بابت جاري تڪرار سبب عورتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ڊبليو) طلب ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نورا فتحي کي 6 مئي تي ڪميشن طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن بعد کيس 7 مئي تي صبح 11:30 وڳي اختيارين آڏو پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن گاني ”سرڪي چنر“ جو هندي ورزن آن لائن جاري ڪيو ويو. مارچ ۾ رليز ٿيندڙ هن گاني تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي، جتي ڪيترن ئي واهپيدارن گاني جي لفظن کي غيرمناسب ۽ اشارن سان ڀرپور قرار ڏنو. جڏهن ته گاني ۾ عورتن جي وقار تي به سوال اٿاريا ويا ۽ مواد جي ذميواري بابت بحث شروع ٿي ويو.
You might also like