ڀارتي رپورٽ موجب پُلڪت جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل هي اخلاقي پهلوئن سان ڀرپور ٿرلر فلم 15 مئي تي نيٽفلڪس تي رليز ٿيندي. رپورٽ موجب نيٽفلڪس انڊيا پنهنجي ايندڙ ڪرائيم ڊراما ”ڪرتوئيا“ جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار سيف علي خان ادا ڪندو.
ڀارتي رپورٽس موجب ٽريلر ناظرين کي هڪ اهڙي دٻاءُ ڀري ۽ اخلاقي طور پيچيده دنيا سان متعارف ڪرائي ٿو، جتي انصاف، طاقت ۽ ذاتي ذميواري جهڙا سوال مرڪزي حيثيت رکن ٿا. سيف علي خان فلم ۾ “پون” نالي پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو پنهنجي نگراني هيٺ هڪ صحافي تي حملي کانپوءِ سخت جاچ هيٺ اچي وڃي ٿو. جيئن اعليٰ آفيسرن جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ جاچ اڳتي وڌي ٿي، تيئن پون هڪ خطرناڪ ڳولا ۾ ڦاسي وڃي ٿو، جيڪا اثر رسوخ، ڪرپشن ۽ دوکي جي ڪيترين ئي پرتَن کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن ته ساڳئي وقت سندس ذاتي زندگي به بحران جو شڪار ٿيڻ لڳي ٿي، جڏهن سندس ڀاءُ سان لاڳاپيل تڪرار سبب خاندان کي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿين ٿيون۔
ڀارتي رپورٽس موجب فلم ۾ راسيڪا دگل، سنجي مشرا، زاڪر حسين، منيش چوڌري ۽ سورڀ دويدي پڻ اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. فلم بابت ڳالهائيندي سيف علي خان چيو ته ”پون هڪ اهڙو انسان آهي، جيڪو هر وقت پنهنجي اندر جدوجهد ڪندو رهي ٿو. ڇا صحيح آهي، ماڻهن جون اميدون ڇا آهن ۽ کيس ڇا بچائڻو آهي؟ هن چيو ته کيس فلم جي اها ڳالهه متاثر ڪري ٿي ته فلم ۾ آسانيءَ سان سوالن جو جواب نٿو ملي، پر توهان کي اهڙين حالتن ۾ وجهي ٿي جتي سوچڻو پوي ته جيڪڏهن هر فيصلي جي ذاتي قيمت هجي ته توهان ڇا ڪندا؟
ڀارتي رپورٽس موجب هدايتڪار پُلڪت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي فلم اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا اڇي ۽ ڪاري جي وچ سرمائي دنيا ۾ رهي ٿي، جتي هر چونڊ جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ انساني تڪرار کي ظاهر ڪري ٿي. سيف علي خان انتهائي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪيو آهي، اميد آهي سمورن ڏسندڙن کي پسند ايندي.