تامل ناڊو چونڊون: اداڪار وجي جي نئين پارٽي جي شاندار ڪاميابي

چنائي (م ڊ) ڀارتي تامل فلمن جي اداڪار جوزف وجي جي پارٽي رياستي چونڊن ۾ ميدان ماري ورتو، وجي جوزف پاران 2024 ۾ ٺاهيل جماعت ٽي وي تامل ناڊو ۾ ٿيل چونڊن ۾ 234 مان 108 سيٽون کٽي واضح اڪثريت ماڻي ورتي، حڪمران پارٽي ڊي ايم ۽ اپوزيشن جي جماعت اي ڊي ايم کي شڪست ڏني وئي، ڀارتي رياست تامل ناڊو مان تڪبر ۽ وڏائي ۾ مبتلا ڪميونسٽ نظريي سان لاڳاپيل لڏي جي چئن ڏھاڪن کان قائم بادشاھت کي ھڪ اداڪار ختم ڪري ڇڏيو،  ڏکڻ ڀارت جي رياست تامل ناڊو ۾ ٿيل اسيمبلي چونڊن ۾ فلمي سپر اسٽار کان سياستدان بڻيل جوزف وجي جي نئين جماعت تاميلاگا ويٽري ڪازگام (ٽي وي ڪي) پهرين ئي اليڪشن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا موجب فيبروري 2024 ۾ قائم ڪيل وجي جي پارٽي 234 مان 108 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي، جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ 118 سيٽن جي ضرورت آهي، ٽي وي ڪي هن چونڊ ۾ هڪ وڏي سياسي قوت طور اڀري آئي آهي، جنهن سان تامل ناڊو جي روايتي سياست ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. اڳ ۾ حڪمران جماعت ڊي ايم ڪي ۽ مخالف ڌر اي ڊي ايم ڪي جو اثر رهيو، جيڪي هن ڀيري بالترتيب 59 ۽ 47 سيٽون حاصل ڪري سگهيون آهن، جڏهن ته نئين پارٽي جي اڀار سياسي منظرنامي کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.