بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته حڪومت 47 فارم تحت جعلي حڪومت آھي، جعلي مينڊيٽ تحت آيل حڪومت امن امان قائم نه ٿي رکي سگھي ، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ کان پوءِ پيٽرول مھنگو ڪري آءِ ايم ايف جو پيٽ ڀريو پيو وڃي، سنڌ ۾ حڪومت ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ڪري ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي آھي، عمران سياست کي گارين واري سياست ڏانھن وٺي ويو، ان جا جيالا ڪٿي آھن، ايران آمريڪا جنگ دوران، چين، ترڪي، متحدہ عرب رياستن، ايران ،روس جي سفيرن اسان جي قائد فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪيون، باقي سياستدان ڪٿي ھئا، ايران آمريڪا ڳالھين ۾ پاڪ فوج جي سربراھ جون ڪوششون آھن ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ ۽ مودي سرڪار خلاف ٿيندڙ جنگ ۾ بھادارانا ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ايمانداري سان ڪم ڪيو آھي، آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت ۽ ميان عمران نيازي واري حڪومت وقت به اسان جي ليڊر انھن کي جعلي مينڊيٽ واري حڪومت سڏيو آھي، راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ ۾ مدبر سياستدان آھي ته اھو فضل الرحمان آھي، 2018 وقت اسيمبلي ۾ مون چيو ھو ته نوجوان نياڻي جي شادي ان جي مرضي سان ۽ والدين جي مرضي نڪاح پڙھڻ وارو قانون ٺاھيو وڃي اھڙو اسلامي طرز تي قانون ٺھي ھا ته ڪاري ڪاري وارا واقعا نه ٿين ھا، جمھوريت لاءِ منھنجي ڏاڏي، والد ۽ مون ڀٽن سامھون اليڪشن وڙهيا آهن، اڄ به سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ جدوجھد ڪري رھيو آھيان، ڪڏنھن ماٺ ناھي ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ ،ڪارونجھر جي چوٽي تي، ڪراچي ۾ ٽنڊو باگو ۽ بدين ۾ لکين ماڻھن جا جلسا ڪري سنڌ جي جبل کي وڪرو ڪرڻ ،سنڌ سان ويساھ گھاتي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا آھن، سنڌ کي حڪمرانن منشيات ۽ پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آھي، منشيات سبب ڪيترائي گھراڻا تباھ ٿي چڪا آھن، سنڌ کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 19 مئي تي پنجاھ لک ماڻھون گڏ ڪري سکر ۾ جلسو ڪنداسين.