”هِي ڇا پاتو اٿئي؟“ دانانير مبين جي لباس تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا دانانير مبين پنهنجي نئين فلم ”ميرا لياري“ جي مشهوري لاءِ انوکو انداز اپنائڻ تي جتي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي اتي ئي ڪجهه واهپيدار بي باڪي تي سندس واکاڻ ڪري رهيا آهن.
دانانير مبين اڄڪلهه لنڊن ۾ پنهنجي فلم جي مشهوري مهم ۾ رڌل، جتي کيس نوٽنگ هل جي رستن تي جديد لباس ۾ ڏٺو ويو.
وائرل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته کيس گري ٽوئيڊ ڪوآرڊ سيٽ پاتل هو جنهن ۾ ڪراپ جيڪٽ ۽ مني اسڪرٽ شامل هئي، جنهن سان گڏ شيئر ٽائٽس پڻ پاتل هيون.
اداڪارا جي ان انداز سوشل ميڊيا تي سامهون اچي رهيو آهي، ڪجهه مداحن سندس اعتماد ۽ اسٽائل جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن لباس کي نامناسب قرار ڏيندي مٿس تنقيد ڪئي.
واضح رهي ته فلم ”ميرا لياري“ ڪراچي جي علائقي لياري جي پس منظر ۾ ٺاهيل هڪ اسپورٽس فلم آهي، جنهن جو مقصد علائقي جي حقيقي تصوير ۽ مقامي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ آهي.
فلم ۾ عائشه عمر، دانانير مبين ۽ ٽرينيٽ لوڪاس مُک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ سميعه ممتاز، نئير اعجاز، پارس مسرور ۽ عدنان شاهه ٽيپو شامل آهن.
”ميرا لياري“ 8 مئي 2026ع تي سڄي ملڪ جي سينيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
فلم جي هدايتڪاري علي سجاد شاهه ڪئي آهي جڏهن ته ان کي عائشه عمر، وقاص حسن رضوي ۽ ثانيه سهيل پروڊيوس ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.